'سليم ڀٽو' جون تصويرون
 سليم ڀٽو جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

سليم ڀٽو لطيفي

سليم ڀٽو ’لطيفي‘: مشهور لطيف شناس، سليم ڀٽو ولد حاجي محمد عظيم ڀٽو، پهرين آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ٻيلي پتڻ، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي داودءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ميهڙ مان 1976ع ۾ ڪيائين، انٽر 1978ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه مان ڪرڻ بعد بي. اي (1982ع) ۽ ايم. اي انگريزي .....


ڀُٽو ۽ تاريخ

ڀُٽو ۽ تاريخ (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب عمر ميمڻ جو ترجمو ڪيل ۽ ترتيب ڏنل آهي، جيڪو عظمت ادبي اڪيڊميءَ جو ڪتاب نمبر 39 آهي. هن ڪتاب ۾ پاڪستان جي مدبر سياستدان ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي تاريخ ۽ حيثيت جو تعين ڪيو ويو آهي.ته هو پاڪستان، ٽين دنيا ۽ اسلامي دنيا جو اهم اڳواڻ هو. ڪرائون سائيز جي 10.....


ڀٽي سليم اختر

ڀٽي، سليم اختر: سليم اختر ولد محمد الياس ڀٽيءَ، پهرين فيبروري 1962ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. جيڪب آباد جي علمي ادارن مان تعليم حاصل ڪندي سن 1976ع ۾ بي اي ۽ 1989ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين. هي چمڙي جو واپاري آهي. هڪ صحافي ۽ سماجي ورڪر جي حيثيت سان هن 1986ع کان ڪم شروع ڪيو. هي هفت روزه ”غريب نواز“ جيڪب آباد ۽ ر.....


توقير فاطمه ڀٽو

توقير فاطمه ڀٽو:توقير فاطمه 15جون 1961ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي. هن بي. اي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان ۽ ايم اي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي. هوءَ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ميمبر ۽ پ پ جي ضلعي لاڙڪاڻي ليڊيز ونگ جي عهديدار رهي چڪي آهي. هن انتظام ڪاري چونڊن بابت مختلف تربيتن (Trainings) ۾ حصو ورتو. ه.....


پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو ): پاڪستان پيپلز پارٽيءَ مان ڌار ٿيل هن سياسي جماعت جو خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو فرزند ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀُٽو هو، مير مرتضيٰ ڀٽي جي شهادت کان پوءِ سندس بيوه غنويٰ ڀٽو پاڪستان اچي پنهنجي مڙس جي شهادت جو ڪيس وڙهيو ۽ پارٽيءَ جي واڳ سنڀالي (ڏسو: ڀٽو، .....


چنا سليم

چنا، سليم: مشهور شاعر ۽ اديب، سليم چنا، 5 اپريل 1954ع تي نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. 1979ع ۾ بي. اي ڪئي ۽ 2003ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ڪيائين. هن ٽائيپ رائيٽنگ، ڊسپينسري، ايڪسري ٽيڪنيشن، سوائل واٽر گريول اناليز ليبارٽري ’ڊرپ‘ لطيف آباد آفيس ۾ انگريزن سان گڏ ڪيو. اڪائونٽنگ ۽ آ.....


حافظ محمد موسيٰ ڀٽو

حافظ محمد موسيٰ ڀٽو: ناليوارو ليکڪ حافظ محمد موسيٰ ڀٽو، جندي ديري، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. هيءُ حافظ قرآن هئڻ سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو. هن سنڌي توڙي اردو ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ (1) ’پرينءَ جي پچار‘ (ٽي حصا)، (2) ’جـديـد سـنڌ ۽ ان جا مسئلا‘، (3) ’سنڌ ۾ بي چينيءَ جا اسباب‘، (4) ’مٽ .....


خدابخش ڀٽو

خدابخش ڀٽو (ديهه): تعلقي رتيديري جي هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: خدا بخش ڀٽو، ڳوٺ، وانڍ شير خان ڪيهر، قبول ناريجو (جوان ناريجو)، جوان ڀٽو، سوناري فقير، سانوڻ گوپانگ ۽ الله ڏنو شر. .....


راشدي سليم

راشدي، سليم: ٽي. وي آرٽسٽ ۽ هدايتڪار سيد سليم راشديءَ، 13 سيپٽمبر 1975ع تي ڳوٺ شريفاڻي، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سيد روح الحق شاهه هو. سليم راشديءَ، اداڪاريءَ جي سکيا ايوب گاد کان ورتي ۽ 1992ع کان فني ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هن پهريان اسٽيج ڊراما ڪيا ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فن جو م.....


راشدي سيد محمد سليم شاهه

راشدي، سيد محمد سليم شاهه: ناليواري شاعر سيد محمد سليم شاهه راشدي عرف وڏل شاهه 1907ع ڌاري ڳوٺ ننڍا موهل نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻولين جو ڄاڻو هو. سيد محمد سليم شاهه راشدي، شاعريءَ جي شروعات ان دؤر کان ڪئي، جڏهن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي حڪومت هئي. انهيءَ دؤر ۾ سنڌي شا.....


رسول بخش خان ڀٽو

رسول بخش خان ڀٽو: رسول بخش خان، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرين گهر واريءَ بيگم شيرين امير ڀٽو جو رشتي ۾ ڏاڏو هو. سندس اصل ڳوٺ ميرپور ڀٽو هو، پر نئين ديري ۾ گهڻو وقت گذاريائين. پير علي محمد شاهه راشدي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته ”سنڌ جي اميرن جو شان ڪنهن کي ڏسڻو هوندو هو ته نئين ديري ۾ وڃي مرحوم ر.....


 پوئتي   1   2   3  4  5   6   7   8   اڳتي